مکيه صفحو / مضمون / اگهه گهٽ ڪرڻ کان آڱوٺو اسان وارو

اگهه گهٽ ڪرڻ کان آڱوٺو اسان وارو

ملائيشيا ۾ مئرين اڪيڊمي جتي مون اَٺ سال پڙهايو، ايئن آهي جيئن ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو- آبادي ۽ شهر کان پري ٿري. پيٽارو ڳوٺ به ڪاليج کان ٽي چار ميل پري آهي. تيئن اڪيڊمي به ويجهي ڳوٺ ڪئالا سنگائي بارو کان چار ميل کن پري آهي. اهڙي ريت ڏهه يارهن ميل پري حيدرآباد وانگر مسجد تاناح شهر آهي پر مسجد تاناح حيدرآباد وانگر وڏو شهر ناهي جو ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي آدمشماري تمام گهٽ آهي. ملاڪا رياست جو ملاڪا شهر ٽيهه ميل پري آهي. مسجد تاناح شهر جو نالو اتي جي هڪ جهوني مسجد تان پيو آهي.
مسجد تاناح جي بس اسٽاپ وٽ هڪ چيني زال مڙس جي هوٽل آهي. هوٽل چينين جي آهي پر کاڌن جا سڀ ڊش ملئي آهن جو بقول انهن جي سندن گهڻي ڪمائي ملئي ماڻهن مان آهي جيڪي کائڻ پيئڻ ۽ کارائڻ جا مڙس ماڻهو آهن. ٻيون به ڪيتريون ئي چينين جون هوٽلون آهن جن ۾ ملئي کاڌا هلن ٿا ۽ انهن هوٽلن وانگر هنن به رڌپچاءَ لاءِ ملئي ماڻهو رکيا آهن جيئن ان کاڌي کي حلال چئي سگهجي.
مٿئين چيني هوٽل واري جي ماني سستي ۽ سوادي آهي هوٽل جو هي چيني مالڪ در وٽ ئي بيهي آئي وئي کي کيڪار کڙي پيو ڪندو آهي. گراهڪن کي ماني ڏيڻ لاءِ هڪ ملئي ڇوڪري ۽ هڪ چيني عورت رکي اٿس. گراهڪن جو تعداد وڌي ويندو آهي ته مڙس پئسن جو دخل ڇڏي پاڻ ماني کارائڻ ۾ لڳي ويندو آهي پر جي اڃا به گراهڪ وڌي ويندا آهن ته سندس زال پنهنجي سال کن جي ٻار کي اسپرنگ ۾ لڙڪيل پينگهه ۾ وجهي، لوڏو ڏيئي، اچي مدد ڪرائيندي آهي.
هتي جي گهڻي ڀاڱي دڪانن توڙي هوٽلن سان لڳو لڳ گهر آهن جن جو در پٺئين پاسي پڻ ٿئي ٿو. رستي وارو پاسو دڪان ۽ پويون پاسو گهر ٿئي يا هيٺ دڪان مٿي گهر. صبح جو مرد ماڻهو دڪان کولين. پوءِ عورتون گهر ۽ ٻارن جو ڪم لاهي، دڪان ۾ اچي مڙسن کي مدد ڪرائين. يا باقي رهيل گهر جو ڪم دڪان ۾ ويهي ڪن. پوءِ ڪا بصر پيئي ڇليندي ته ڪا ڪپڙن ۾ چتيون ۽ ٽانڪا ويٺي هڻندي. جيئن ئي ڪو گراهڪ دڪان ۾ گهڙندو ته ڀاڄي بصر ڪـَـٽڻ ڇڏي، هن جي مدد ڪنديون. پوءِ جي ڪو ڄاڻ سڃاڻ وارو آهي ته ڀاڄيءَ مان هٿ ڪڍڻ، يا ٻار کي ٿڃ ڏيڻ بند ڪرڻ بنا رڙ ڪري چوندس ته مکڻ جي چڪي فريزر مان ڪڍي ڏيڍ ڊالر مٿان رکي وڃ يا ڪپڙي جو دڪان آهي ته چوندس گز ڪنڊ ۾ پيو اٿئي، گهربل چار وال ماپي پئسا ٽيبل تي رکي وڃ.
“کـُـلا پئسا ڪو نه آهن. صبح سان ڪٿان آڻيان؟”
“ته پوءِ ڀاجي مارڪيٽ مان ٿي اچي ٿو ڏيان”.” گراهڪ چوندو.
“ڀاڄي ٿو وٺڻ وڃين؟” دڪاندار مائي پڇنديس.
“نه مڇي وٺڻ جو ارادو اٿم.”
“سٺي هجي ته منهنجي لاءِ به اڌ ڪلو وٺيو اچجان”.”
ڪنهن چيني دڪاندار کي پوڙهي ماءُ آهي ته اهو خوشنصيب ٿيو، جو پوڙهيون چينياڻيون پنهنجي پيري پـِـٽَ پاراتا ڏيڻ يا اوڙي پاڙي جي گلا غيبت ۾ وڃائڻ بدران اهو رٽائرمينٽ جو زمانو دڪانن تي ئي گذارين. واپار وڙي ۾ نئين ٽهيءَ کان به هوشيار ٿين.
“ماسي اسٽرابيري جئم گهڻي جي؟”
“ستن ڊالرن جي.”
“مون وٽ ته پنج ڊالر وڃي بچيا آهن.”
“مڙيئي خير آهي. باقي ٻه ڊالر  سڀان ڏجانءِ يا پهرين تاريخ پگهار ملڻ تي.”
“چڱو ماسي لکي ڇڏ.”
“نه ابا. الله وڏي حياتي ڏيند”.”
هاڻ ڏي منهن! ڄڻ توهان مرو ٿا ۽ توهان کي شل وڏي حياتي ملي ۽ هوءَ پنجهتر ڇاهتر ورهيه جي پوڙهي هميشه جيئري ئي رهندي.
سڄي ملائيشيا جي آدمشماري گهٽ آهي ۽ هر ڳوٺ ۽ گهٽيءَ ۾ هر ڪو هڪ ٻئي کي سڃاڻي. پهرين مهيني ڏيڍ ۾ ئي اسان کي ڪئالا سنگائي بارو ڳوٺ ۾ ته ڇا پر ڀر واري شهر مسجد تاناح جا به دڪاندار، پيٽرول پمپ ۽ هوٽلن وارا، بئنڪ ۽ پوسٽ آفيس وارا، اسپتال ۽ ميوي بازار وارا سڃاڻڻ لڳا. اسان کي هنن تي تعجب لڳندو هو ته ڪيئن سڃاڻن ٿا ۽ هاڻ اسان کي پنهنجو پاڻ تي اچرج لڳي ٿو ته اٺن نون مهينن بعد اسان به هڪ هڪ کي ايترو سڃاڻڻ لڳا آهيون جو مسجد تاناح ۽ ڪئالا سنگائي باروءَ ۾ ڪو نئون ماڻهو اچي ٿو ته اسان کي به خبر پئجيو وڃي. ايتري واقفيت ته شايد پنهنجي ڳوٺ ۾ به نه هجي.
مسجد تاناح جي پوليس اسٽيشن جي سامهون سيڌي جو دڪان “ڪيدائي ڪم چانگ” (Kedai Kim Chong) آهي. ملئي زبان ۾ دڪان کي ڪيدائي چئجي ٿو. ڪيدائي دراصل تامل زبان مان جڙيو آهي. يعني ڪم- چانگ چينيءَ جو دڪان. ڀر وارو دڪان، اسان جي اڪيڊمي جي انگريزي جي ليڪچرر ڌنيش ڪمار بابو لال جي ڀاءَ جو آهي. هو هندو گجراتي آهي. سندن دڪان ۾ فرنيچر، گلم، پلاسٽڪ جا تڏا، مصلا ۽ ٽوال چادرون وڪامن. سندس زال، ويجهرائيءَ ۾ انڊين فلمن جا ڪئسٽ پڻ رکڻ شروع ڪيا آهن. ٻئي پاسي چيني فوٽوگرافر جو دڪان آهي. ڪجهه ڏينهن کان ان دڪان ۾ وارن ٺاهڻ جو  ڪم پڻ شروع ڪيو ويو آهي. رستي تي ئي گاڏي بيهاري هارن ڏبو آهي ته فوٽوگرافر پاڻ يا سندس زال فوٽن جو لفافو ڪڍي، ڊوڙ پائي ڏيئي ويندي. ڇا جي رسيد ڇا جو ان وقت ئي پئسا ڏيڻ.
“فوٽوگرافيءَ سان گڏ باربر شاپ خير ۾ ڪڍيو اٿئي؟” هڪ ڏينهن مون پڇيومانس.
“اسان ڪو نه ڪڍيو آهي. منهنجي ڀيڻ پينانگ ۾ رهي ٿي ان جي ڌيءَ هن سال گرئجوئيشن ڪئي ۽ هاڻ هتي حجامڪو ڪم ڪري ٿي.”
“ملائيشيا اهڙو ملڪ آهي جتي ٿوري پڙهيل کي به نوڪري مليو وڃي پر هن نوڪريءَ بدران ڌنڌي کي ترجيح ڏني آهي؟”
“اسان سڀ  چيني ڌنڌي ۽ واپار ۾ فائدو ڏسون ٿا.” فوٽوگرافر عورت وراڻيو.
“پر سڄي ڏينهن ۾ مون کي ته هڪ يا ٻه گراهڪ مس ٿا نظر اچن.” مون چيومانس.
“ان جو مدار هن جي ڪم تي آهي. سٺي طرح وار ٺاهيندي ته هڪ بدران ٽي سؤ سمجهه.”

“اهو ڪيئن؟” مون پڇيومانس، “مئٿس ته آئون به پڙهايان ٿو!”
“اهو گراهڪ وري وري پيو ايندو. سال ۾ ڏهه دفعا آيو ته سندس باقي عمر جيڪا وڌيڪ ٽيهه سال به ٿي ته ٽي سؤ دفعا ٿيو.”
“چيني واقعي سياڻا آهيو. هر ڳالهه جي long planning ڪيو ٿا. مون اعتراف ڪيو.
“اسان جي جياپي جو راز محنت ئي آهي.” هن وراڻيو.
پوڙهي چيني ڪـُـم چانگ جي پٽ پيٽر جي شاديءَ جي خبر ٻڌي ميار ڏني مانس:
“واهه واهه چاچا! پيٽر جي شادي جي اسان کي دعوت به نه ڏنئه؟”
پوڙهي ڪم چانگ پيٽر کي چڙ مان ڏسندي مون کي چيو “پٽ ڇا ڪريان! نڀاڳي اسان کي به نه ٻڌايو. نه ته ڪا چڱي پئسي واري زال ڳولي ڏيانس ها.”
پيٽر ڦڪي مرڪ سان کيڪاريندي ساگو چانور (صابو داڻا) توريا.
“اڙي پيٽر! ڪنهن سان شادي ڪئي؟” مون پڇيومانس.
سامهون گهر جي در وٽ بيٺل ڇوڪريءَ ڏي اشارو ڪندي چيائين “انهيءَ سان.”
“اها ته هتي جي ئي آهي. پهرين به توسان ڏٺل آهي. شايد گذريل سال اڪيڊمي جي ڪنهن فنڪشن ۾.”
“ها. منهنجي هن سان، ان وقت کان افيئر پئي هلي.”
پيٽر ته وري به ٿيو مرد ماڻهو ۽ چيني. گوشت مارڪيٽ جي سامهون، ڪئسٽن جي دڪان واري ملئي ڇوڪري- جميلا بنت حاجي صالح کان پڇيم: “بيلا اواڪ برڪهوان؟” ڪڏهن ٿي شادي ڪرين؟ ته ٺهه پهه وراڻيائين: “هن سال جي آخر ڌاري.” ڄڻ ڪا ڳالهه ئي نه هجي. ڇا جو شرمائڻ ڇا جو دل ۾ ڪرڻ. ڄڻ سڀ پاڻ ۾ مٽ مائٽ هجون. هتي جا ملئي، چيني، انڊين ۽ ڌارين ملڪن کان آيل اسين! مٿيون سوال پڇي پهرين گهٻرائجي ضرور ويس ته دڪاندار ڇوڪري ڇا چوندي ته ڪالهه جو گراهڪ- سو به بيڪار قسم جو، اجايو فري پيو ٿئي. “بيڪار قسم جو” ان ڪري جو فقط آئون ئي هڪ آهيان جيڪو جميلا کان ڪئسٽ خريد ڪرڻ بدران مسواڙ تي وٺندو آهيان. پهرين ڏينهن ئي جميلا کي چيم ته ملئي گانا اڃا سمجهه ۾ نٿا اچن. چار ڊالر (ٽيهه روپيا) کن ڏيئي ڪئسٽ خريد ڪرڻ بدران مون کي هڪ ڊالر مسواڙ تي، ٻن ٽن ڏينهن لاءِ ڏيندي ڪر، ته ان مان پسند جا گانا پنهنجي ڪئسٽ تي ٽيپ ڪري توکي تنهنجو ڪئسٽ موٽائي ڏيان“.
اهو ٻڌي کيس تعجب به لڳو ته کل به آئي پر پوءِ راضي ٿي هائوڪار ڪئي هئائين. کيس انگريزي به سٺي آئي ٿي. سهڻي به هئي. ملئي ڇوڪريون بين الاقوامي معيار کان سهڻيون نه آهن. پر هيءَ غريب ڳوٺاڻي مڙيئي اٽي جهڙي پائوڊر جا ٿيپ ٿڦي، پنهنجي پر ۾ ڪلوپيٽرا ۽ موناليزا ٿي دڪان تي آئي ٿي. گهڻو اڳتي هلي (شاديءَ کان ڪجهه ڏينهن پهرين) هڪ ڏينهن مون کان Fair Opinion ورتو هئائين ته مڙس کي ڪيئن لڳنديس. پاڻ ڪڏهن ڪڏهن ڪاري رنگ جو چشمو پڻ پائيندي هئي. زور ڀرڻ تي نيٺ چيومانس ڪچو پائوڊر ڀلي هڻ باقي اهو مائيڪل جئڪسن اسٽائيل چشمو هڻڻ سان ڀولي ٿيو پوين.
مسجد تاناح شهر ۾ ٻيا به ڪيترائي دڪان آهن جن جي دڪاندارن سان پڻ ڄڻ ته پراڻي ياري دوستي يا مٽي مائٽي هجي. هڪ مصري عرب مهانڊو ڪڪڙين وارو آهي، جيڪو سڄو سال مهانگي اگهه تي اسان کي ڪڪڙيون وڪڻي پوءِ مهيني کن لاءِ دنيا جي ٻن ٽن ملڪن جو سير ڪري ايندو آهي. ڪڏهن تائيوان، هانگ ڪانگ، ٿائلينڊ ته ڪڏهن دبئي، دوها، مصر. هن سال يورپ جا ٻه چار ملڪ گهمي، چار پنج هزار ڊالر وڃائي موٽيو آهي. حج به ڪري آيو آهي. مون کان پڇيائين ته مون حج ڪيو آهي. چيومانس: “دعا ڪر ته آئون به ڀلي پٽ تان ٿي اچان.”
“ها ضرور.” هن وراڻيو ۽ پوءِ ڪٺل ڪڪڙ کي ڪوسي پاڻيءَ مان ٻوڙي کنڀن لاهڻ واري مشين ۾ وجهي چوڻ لڳو: “It is a nice place” ڄڻ پاڻ حج ڪرڻ ۽ عبادت لاءِ نه، پر عمارتون ڏسڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ ويو هو.
چيومانس: “ائڪٽر! ملاڪا ۽ ڀر وارن ٻين شهرن ۾ ڪڪڙيون ساڍي ٽين ڊالرين ڪلو ملن ۽ تون هتي چئن ۾ ٿو ڏين. اهو ڇو؟”
ائڪٽر جو خطاب ٻڌي ايئن ٽڙي پوندو آهين جيئن سانڊو گاهه تي ۽ پوءِ پنهنجي سانڊي جهڙي منهن کي سانڊي جيان سيٽي انڊين ائڪٽر راجيش کنا جو ڪو فلمي ڊائلاگ اڌ هندي اڌ ملئي زبان ۾ فرمائيندو آهي پر اگهه گهٽ ڪرڻ کان آڱوٺو- اسان وارو. (سندس آڱوٺو گهڻو اڳ بي خياليءَ ۾، ڪڪڙ جو نڙگهٽ ڪپيندي وڍجي ويو هو.)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*