مکيه صفحو / مضمون / جپان جون گيشائون ڪير آهن…..

جپان جون گيشائون ڪير آهن…..

جپان جون گيشائون ڪير آهن…..

هڪ هنڌ لکي چڪو آهيان ته جپان ۾ ايندڙ ڌاريا، جپان کي پنهنجي ملڪ ۽ تهذيب جي خيال کان پرکڻ ڪري ڪيترين ڳالهين ۾ غلط فهميءَ جو شڪار ٿيو وڃن. انهن ڳالهين مان هڪ جپان جي گيشائن جو مثال آهي. جنهن جي چمڪ ڌمڪ وارن ڪپڙن ۽ ڳري ميڪ اپ ڪري ڌاريا ماڻهو گيشائن کي جسم وڪڻڻ واريون رنڊيون سمجهن ٿا. جيتوڻيڪ اها ڳالهه ناهي. گيشائون نه فقط قابل فنڪار ۽ ڪيترن ئي هنرن جون ماهر ٿين ٿيون پر عام معلومات جون به ڄاڻو ٿين ٿيون. هو اٿڻ ويهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ اعليٰ قسم جي ادب وآدب کان واقف ٿين ٿيون.
گيشا جي لفظي معنيٰ آهي ”هنر ڄاڻندڙ“ ۽ هنن جو ڪردار اُمرائو جان ادا وانگر آهي جن وٽ هندستان ۾ ڪنهن زماني ۾ شرفاءِ ۽ شهزادا تهذيب سکڻ ۽ دل وندرائڻ ويندا هئا. گيشاگرل ڳائڻ، نچڻ، ڳالهائڻ، کارائڻ پيارڻ وغيره جي نزاڪت ۽ ٻين هنرن (Fine-Arts) جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکي ٿي، جا هوءَ سالن جي تربيت ۽ سکيا بعد حاصل ڪري ٿي، جيئن گيشاگهر ۾ ايندڙ مهمانن جي هوءَ دل موهي ۽ وندرائي. ٻين هنرن سان گڏ پيار محبت جي ادائن ۽ طور طريقن کان به گيشاگرل ناواقف ناهي ۽ بقول ابنِ انشا جي ان معاملي ۾ ڪوبه جيترو ڳُڙ وجهندو اوترو معاملي کي مٺو ڪري لطف ۽ صحبت کي جهول ۽ اونهائي بخشي سگهندو. پر ان هوندي به هن (گيشاگرل) کي رنڊي يا طوائف نٿو سڏي سگهجي. حقيقت ۾ ته ان خيال کان جپان ۾ رنڊيءَ کي به پنهنجي ڌنڌي ۾ واپاري قسم جو ماڻهو نٿو سڏي سگهجي. جپاني ادب ۾ ارڙهين صديءَ جا تقريبا سڀ طربيا ڊراما لوڪ ڪهاڻيون رنڊيءَ ۽ گراهڪ جي عظيم ۽ لافاني محبت جي بنياد تي اڏيل آهن ۽ ڪيترا جپاني انهن سون هزارن بارن کي، جن مان هرهڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج ڇهه ڇوڪريون ڪم ڪن ٿيون، اڄ به جذباتي تعليم سکڻ جا اسڪول سمجهن ٿا ۽ عشق ۽ شادي الڳ الڳ شيون سمجهن ٿا.
گيشاگرل پهرين ڪجهه عرصي لاءِ مائيڪو (رنگروٽ) رهي ٿي ۽ مڪمل گيشاگرل سان گڏوگڏ سکيا وٺي ٿي. هڪ گيشاگرل جيڪا سترهن سالن جي هئي تنهن ٻڌايو ته هوءَ ڇهن سالن جي هئي ته ڊانس جا سبق وٺڻ شروع ڪيائين. تازو ٻه سال اڳ جڏهن هن جونئر هاءِ اسڪول مان تعليم پوري ڪئي تڏهن مائيڪو ٿي ۽ پوءِ هن ڳائڻ سکيو. وار ٺاهڻ ۽ اِڪيبانا (گلدستي ۾ گل سينگارڻ) سکي ۽ گيشا ماستر وٽ ڊراما ۽ ائڪٽنگ سکي.
بهرحال هڪ گيشاگرل جي سکيا تمام ڏکي ۽ وقت وٺندڙ آهي. ”اڄ تائين روز صبح جو ڳائڻ جو رياض ڪندي آهيان ۽ منجهند کان منهنجي ڊيوٽي ڄڻ شروع ٿئي ٿي. ميڪ اپ ۽ ڪپڙن پائڻ تي گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڪلاڪ لڳيو وڃن. ان ڪم لاءِ هڪ اوناگوشي (گيشا ڊريسر) منهنجي مدد ڪندو آهي تڏهن هيءَ گيشائن واري ڏکي ڊريس پائي بس ڪندي آهيان. جنهن ۾ ٽي عدد ڪمونو ۽ يارهن کن بيلٽ ۽ ربينون اچي وڃن ٿيون.“
گيشا گرلز، گيشا گهرن ۾ آيل مهمانن (جن ۾ گهڻو تعداد جپانين جو ٿئي ۽ ڪيترن گيشا گهرن ۾ جپانين کان سواءِ ٻين کي اچڻ جي اجازت نه هوندي آهي) کي ڀر ۾ ويهاري نزاڪت ۽ تڪلف سان ماني کارائين، شراب پيارين ۽ ڳالهيون ڪن.
مهمان پٽ تي وڇايل تاتاميءَ تي ننڍين ٽنگن واري ٽيبل جي چوڌاري ويهن. ماني کان پوءِ ٽيبل هٽائي راڳ ۽ ناچ جو پروگرام هلي. هڪ گيشاگرل جهڪي بئنجو جهڙو جپاني ساز ”ساميسين“ کڻندي ۽ ٻي گيشا ڪلاسيڪل ناچ ڪندي ــ جنهن کي سمجهڻ لاءِ به وقت ۽ ٽيسٽ کپي. باقي اسان جهڙو نئون يا ڌاريو اوٻاسيون ئي ڏيندو رهي ٿو.
سچي ڳالهه ته اها آهي ته اڄڪلهه ڌاريا ته ڇا پرڪيترا جپاني نوجوان به گيشا جي هنر جو قدر نٿا ڪن. ڪي ته اهو به چون ته گيشا سسٽم يا رسم جپان ۾ ختم ٿيندو وڃي پر ڪن کي يقين آهي ته جيستائين جپان رهندو تيسين هي هنر قائم رهندو ۽ هن هنر جي ڄاڻو ڇوڪرين (گيشاگرلز) جي وجود کي ڪو خطرو ناهي. ۽ جپان جون هي فنڪارائون (گيشائون) هميشه تعريف ۽ عزت جي نگاهن سان ڏٺيون وينديون.
جپاني لفظ گيشا جو انگريزي ترجمو Entertainer ڪيو وڃي ٿو يعني وندرائڻ واري. پر صحيح معنا ۾ آرٽسٽ يعني فنڪار لفظ وڌيڪ موزون لڳي ٿو. گيشا لفظ ۾ ٻه ڪانجيون يعني شڪليون آهن. هڪ گي معنيٰ آرٽ ۽ ٻي شا معنيٰ ماڻهو يعني ڪرڻ وارو (doer) يعني گيشا اها عورت آهي جيڪا ڪيترن ئي ڳالهين کان واقف آهي. ڳائڻ وڄائڻ کان نچڻ ۽ چرچا ڀوڳ ۽ عام معلومات تائين. ان کان علاوه ويس وڳي پائڻ ۽ ميڪ اپ جي آرٽ کان کاڌو ۽ شراب پيش ڪرڻ جو هنر ڄاڻي ٿي. وڏي ڳالهه ته هوءَ مرد جي، جيڪو هن جي مختصر رفاقت جي هن جي وڏي (گيشا گهر) جي انچارج عورت کي، ڳري في ادا ڪري ٿو، ان جي دل وندرائڻ ڄاڻي ٿي. جپاني ڪلچر موجب زالون ٻار ڄڻڻ، گهرن جو ڪم ڪار ڪرڻ ۽ رڌ پچاءُ ڪرڻ لاءِ آهن. رومانس يا دل وندرائڻ لاءِ هن قسم جون عورتون آهن. جيئن ڪيترائي سنڌي وڏيرا هيرا منڊيءَ جي ڳائڻين تي اڪن ڇڪن ٿين ٿا ۽ کين سندن زالن مان، بقول امرجليل جي هڪ افساني جي ڪردار جي، ڇيڻن ۽ پگهر جي ڌپ اچي ٿي تيئن هتي جي جپاني مڙسالن جو حال آهي جن جي ان قسم جي شوقن تي ويندي سندن زالن کي اعتراض نٿو رهي بلڪ ان کي Status Symbol ۽ مرد جي مردانگي سمجهيو وڃي ٿو ۽ هن جي تعريف ڪئي وڃي ٿي ته جپاني رئيس جو ايڏو سٺو ڌنڌو پيو هلي جو هو مهانگي کان مهانگي گيشا جي ساٿ جي ڳري ادائگي ڪري ٿو ۽ سٺ سالن جو پوڙهو ٿيڻ جي باوجود هو شهواني ڪمن ۾ ايڏو ته پهلوان مڙس آهي جو هر روز ڪنهن گيشا يا رکيڪ وٽ هن لاءِ وڃڻ ضروري آهي. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته اوڪييا (گيشا جي ڪوٺي) تي پهچي، ناس جي چپٽي نڪ جي ناسن حوالي ڪري، پٽ تي وڇايل تاتامي (تونئريءَ) تي اڪيلو سمهي رهي.
هتي جي هڪ جپانيءَ ٻڌايوته سترهين صديءَ جي شروع ۾ گيشا مرد هوندا هئا جيڪي مسخرن ۽ ميوزيشن جو ڪردار ادا ڪري ماڻهن جي دل وندرائيندا هئا. ڪاليج جي ڏينهن ۾ 1960ع ۾ حيدرآباد جي نيومئجسٽڪ سئنيما هال ۾ جيري ليوس مزاحيه ائڪٽر جي هڪ فلم The Geisha Boy ڏٺي هئيسين. هيءَ فلم آمريڪا جي پئرامائونٽ پڪچرز ڪمپنيءَ 1958ع ۾ ٺاهي هئي. هن فلم ۾ وندرائڻ وارو جيري ليوس مرد هو.
بهرحال ڏيڍ سو سالن بعد، اٽڪل 1750ع بعد جپاني عورتون گيشاطور ظاهر ٿيڻ لڳيون ۽ 1800ع ڌاري هن فيلڊ ۾ فقط عورتون ئي اچي ويون جن ڳائي، وڄائي ۽ نچي مردن جي دل وندرائي ٿي.
جيڪي گيشا ٿيڻ چاهين ٿيون انهن کي ڪيترائي هنر سکڻا پون ٿا. نوجوان جپاني ڇوڪريون جيڪي گيشا ٿيڻ چاهين ٿيون اهي مڊل اسڪول، هاءِ اسڪول ۽ ڪي ڇوڪريون ته ڪاليجي تعليم مڪمل ڪري ان بعد هن فيلڊ ۾ گهڙن ٿيون. ڪي ڇوڪريون ته Bonded Labourer جي حيثيت ۾ سندن مائٽ، گيشا گهرن (Okiya) حوالي تڏهن ڪن ٿا، جڏهن هو اڃان ٻار آهن. گهڻو ڪري ته گيشائن جون ڌيئرون ئي رکيون وڃن ٿيون. ٽريننگ دوران هو مائيڪو (Maiko) سڏجن ٿيون ۽ سندس گندي ڪپڙي، رهائش ۽ کاڌي پيتي جو خرچ گيشا گهر جي مالڪڻ ڪري ٿي جيڪو خرچ مائيڪو گيشا ٿيڻ بعد جيئن ئي ڪمائڻ شروع ڪري ٿي ته ان جي ادائگي شروع ڪري ٿي. پوءِ جڏهن هوءَ پنهنجو قرض لاهي پورو ڪري ٿي ته مالڪڻ طرفان هن کي آزادي ڏني وڃي ٿي ته هوءَ پنهنجو ڌنڌو پاڻ هلائي يا چاهي ته ڪو امير يار ڦاسائي ان سان وڃي شادي ڪري. بهرحال هي گيشائون پوڙهيون ٿيڻ تائين ڪنهن سان نه ته ڌوم ڌام سان رومانس ڪن ٿيون ۽ نه Sex جي معاملي ۾ ڪنهن کي وٺ ڏين ٿيون. هنن جي اهائي ڪوشش رهي ٿي ته هڪ ئي وقت ڪيترن پوڙهن پڪن کي ڏٽا ڏيئي کين ڏهندو رهجي يعني هنن مان ڏوڪڙ ڪڍندا رهجن. ساڳي وقت امير جپاني پنهنجن رقيب نرن کي ملهه مارڻ لاءِ ان گيشا کي پنهنجو بنائڻ لاءِ پاڻ لٽائيندا رهن ٿا.
ننڍي پئماني وارا امير يا ڪارخانيدار جيڪي مٿئين ڪلاس جي گيشائن سان نٿا پڄيو سگهن اهي هيٺين ليول جي گيشائن، ڳائڻين، بار گرلز، رنڊين ۽ کنڊين وٽ پهچيو وڃن. جپان جي وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ صبح جي وقت مرد ماڻهو ڪارخانن ۽ آفيسن ڏي روانا ٿين ٿا ته شام جي وقت گيشا گهرن، چانهه گهرن، مئخانن، ناچ گهرن، مساج پارلرن ۽ چڪلن ڏي ڀڄن ٿا. اهي حال ڏسي اسان جي هڪ جهازي انجنيئر چيو ”جپان ۾ وڏي ۾ وڏي انڊسٽري جهاز سازي، سچا موتي ٺاهڻ، ٽرانسٽر ريڊيو يا ڪئميرا ٺاهڻ جي نه پر entertainment جي آهي.“ يعني جپاني جيڪي ڪمائين ٿا ان جو وڏو حصو پنهنجي دل وندرائڻ ۾ خرچ ڪن ٿا.
گيشائون ۽ انهن وٽ ٽريننگ حاصل ڪندڙ مائڪو جيڪو رنگين ڪمونو (وڳو) پائين ٿيون ۽ پنهنجي چهري کي گهاٽي ميڪ اپ سان سجائين ٿيون ۽ وارن جو جوڙو ۽ ان ۾ رنگين بڪل ۽ گل هڻن ٿيون اهي شيون ڌارين لاءِ ڪشش جو سبب آهن ۽ هو گيشائن ۽ مائڪوئن کي ڏسڻ لاءِ هلي ملي ڪيوٽو وڃن ٿا جتي اڄ به ڪيتريون ئي گيشائون رهن ٿيون. جپان جي پراڻي گاديءَ واري شهر ڪيوٽو ۾ گيشاگهرن جا پنج علائقا آهن جيڪي ضلعا پڻ سڏجن ٿا. جپاني زبان ۾ اهي Hanamachi يعني گلن جا شهر سڏجن ٿا. (هانا معنيٰ گل ۽ ماچي معنيٰ شهر). انهن پنج ضلعن ۾ ٽي ضلعا يعني ٽي هانا ماچي (گيان، پون ٽوچو ۽ ڪامي شيچيڪن) ٽاپ جي گيشائن جا محلا سڏيا وڃن ٿا ۽ ٻه (گيان هگاشي ۽ مياگاوا) ڪجهه هيٺاهين درجي جا آهن.
گيشائن بابت ڪيتريون ئي فلمون ٺهي چڪيون آهن ۽ ٻيون ٺهنديون رهن ٿيون. هڪ ته 1936ع جي ٺهيل بليڪ ائنڊ وائيٽ فلم Sisters of the Gion (جنهن جو جپاني نالو ”گيان نو ڪيودائي“) آهي. هيءَ ٻن گيشا ڀينرن جي ڪهاڻي آهي. وڏي ڀيڻ اُمي ڪِچي جا اهي خيال آهن ته هڪ گيشا کي فنڪار ٿي رهڻ کپي. هن وٽ ايندڙ مردن جا راز پاڻ تائين محدود رکڻ کپن ۽ جيڪڏهن ڪنهن مرد کي پاڻ ارپجي ته پوءِ هن جو هميشه لاءِ ٿي وڃڻ کپي. ننڍي ڀيڻ اوموچا جيڪا پڻ ساڳي اوڪي (گيشا گهر) ۾ رهي ٿي وڏي ڀيڻ جي الٽ خيال آهن. هن جي اها سوچ آهي ته مرد ڪهڙي اسان سان وفاداري ڪن ٿا جو اسان هنن سان ڪريون. هوءَ هرڪم پنهنجي حساب سان Manipulate ڪندي رهي ٿي ۽ جتي چئن پئسن جو فائدو ڏسي ٿي اوڏانهن جو رخ اختيار ڪري ٿي.
بهرحال هن 1936ع جي فلم جي ٻي Remake 1956ع ۾ به ٺهي آحي. اها به پهرين وانگر بليڪ ائنڊ وائيٽ آهي. منجهس جپان جي مشهور اداڪارن مِچييو، تامائو ناڪامورا ۽ شنتارو ڪاتسوءَ ڪم ڪيو آهي.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*