مکيه صفحو / ڪتاب / دنگي منجهه درياهه

دنگي منجهه درياهه

ڪِتابُ: دُنگي منجهه درياهه: ليکڪ الطاف شيخ

هِنَ ڪِتابَ جا ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. ويجھڙائي ۾ روشني پبليڪيشن وسارن هي ڪِتابُ 2005ع ۾ ڇپيو آهي هِي ڪِتاب ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي سبجيڪٽ جي B.A ڪورس تي پڻ آهي. هِنَ ڪِتاب جا ”پيش لفظ“ سنڌي يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر مظهر الحق صديقيءَ لکيا اهن. ”دُنگي منجهه درياهه“ ڪِتاب الطاف شيخ جي مضمونن جي چونڊ بنيادي طور سفرنامن سان گڏ معاشرتي مشاهدن ۽ فڪري تحريرن (Reflective Writings) جو سهڻو امتزاج آهي. سندس تحت الشعور جو مرڪز ۽ محور سنڌ، سنڌي ماڻهو ۽ سنڌيت آهي. جنهن وقت به ٻين ماڻهن، معاشرن ۽ ملڪن سان سندس ڏيٺ ويٺ ٿئي ٿي ته سندس خيال ۾ يڪدم سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو اچن ٿا. سندس لکڻي ۾ ڪيترن هنڌن تي مزاح جون دل لُڀائيندڙ جھلڪيون نظر اچن ٿيون جيڪا سامونڊي زندگي ۽ ادب جي خصوصيت آهي. هِنَ ڪِتاب ۾ ڪل 26 مضمونَ آهن چند مضمون جيڪي پڙهندڙ جي يادِ تي گهرا اثر ڇڏين ٿا هِنَ ريت آهن:
الهاس نگر سنڌي ائسوسيئيشن
زيبوءَ سان پيار
ڄامشوري جي رات
جهاز تي نئون آيل ريڊيو آفيسر
ناٽ بارن اِن آمريڪا
فوٽو سيل ۽ ٻوڙ گرم ڪرڻ….. وغيره.
”دُنگي منجهه درياهه“ جيڪو هئڻ ته ”دنگي وچ درياهه“ کپندو هو، ڪيترن قومن، قبيلن، معاشرن جي مزاجن ۽ روين جو مجموعو ۽ مختلف ملڪن جي ترقي جي ليول جي دري آهي جا سٺي اسٽائيل ۽ قلمبند ڪيل آهي. هِنَ ڪِتاب جا پيش لفظ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي سينيئر براڊڪاسٽر، شاعر ۽ ڪالم نويس نصير مرزا پڻ لکيا آهن.

Download (PDF, 912KB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*