مکيه صفحو / مضمون / سچن موتين جي هار جي ڪهاڻي

سچن موتين جي هار جي ڪهاڻي

سچن موتين جي هار جي ڪهاڻي

انٽرنيٽ تي هڪ ڪهاڻي پڙهڻ شروع ڪيم ته پڙهندو ئي رهيس. وچ ۾ ڇڏڻ تي دل ئي نه چوي. اڄڪلهه جي دور ۾ ڪنهن کي ٽائيم آهي ايڏي وڏي ڳالهه پڙهڻ جو؟ هر هڪ وٽ سوين اي ميل پهچن ٿيون جن مان هو فقط چند پڙهي ٿو. ايتري قدر جو ڪو لطيفو يا شعر ڊگهو آهي ته ان کي به ڇڏي ڏيڻو پوي ٿو ۽ ”فارورڊ“ واري اي ميل تي ورلي ڪو واندو کوليندو هجي. پر آئون پنهنجي تجربي جي حساب سان ڪن ماڻهن جون اي ميلون ضرور کوليندو آهيان، چاهي اهي انهن جون لکيل هجن يا هنن طرفان forward ٿيل هجن. دنيا جي ٻي ڪنڊ تي ٿر جهڙي رڃ واري ڪئناڊا جي هڪ شهر نارٿ پارڪ ۾ رهندڙ اسان جي ڳوٺ جو هڪ سول انجنيئر سرفراز ڳاهوٺي به انهن مان هڪ آهي. مون سندس نالو پڙهي سندس اي ميل کولي. هي اليڪٽرانڪ ليٽر آهي يا سڄو ناول! مون يڪدم erase ٿي ڪيو پر پوءِ اهو سوچي ته سرفراز جي اي ميل ۾ ضرور ڪا خاص ڳالهه هوندي، مون اڳتي هلي ايئرپورٽ تي بور وقت گذارڻ لاءِ هن ”اي ميل“ جو پرنٽ آئوٽ ڪڍي ورتو. مون کي ڪوالالمپور کان ڪولمبو وڃڻو هو. پوءِ جيئن ئي سامان ايئرپورٽ وارن حوالي ڪري جهاز ۾ چڙهڻ جو بورڊنگ ڪارڊ وٺي ”انتظار گاهه“ واري لائونج ۾ اچي ويٺس ته شولڊر بئگ ۾ رکيل سرفراز ڳاهوٺيءَ جي اِي ميل ياد آئي. آئون ان کي ڪڍي سڪون سان پڙهڻ لڳس ۽ پڙهندو ئي ويس. دل ۾ سوچيم ته چڱو جو سرفراز اها اي ميل موڪلي ۽ چڱو جو مون ان کي erase ڪرڻ بدران پڙهڻ جي همٿ ڪئي. مون ڪوالالمپور جي ايئرپورٽ تان ئي آمريڪا جو 8700 -708-416-001 نمبر ملايو ۽ سرفراز کي ٻڌايم ته سندس اي ميل ايڏي ته دلچسپ ۽ نصيحت آموز آهي جو آئون پنهنجن پڙهندڙن سان Share ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو…. ۽ اڄ مهيني ٻن بعد جڏهن اتفاق سان ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ هن وقت واندو ويٺو آهيان ته اها اي ميل هيٺ سنڌي ۾ ترجمو ڪريان ٿو جنهن جو عنوان آهي:
”سچن موتين جي هار جي ڪهاڻي.“
اسلامي تاريخ ۾ قاضي ابوبڪر انصاري هڪ خوبصورت شخصيت جو مالڪ ٿي گذريو آهي. هي پنهنجي وقت جو بيحد نيڪ انسان هو. سندس وفات کي نو کن صديون گذري چڪيون آهن پر اڄ به هن جي مثالي زندگي مسلمانن جي رهنمائيءَ جو ذريعو آهي. هن جون بايوگرافيون لکڻ وارا سندس ايمانداري ۽ ڀروسي جون ڪيتريون ئي ڳالهيون بيان ڪن ٿا پر اها ڳالهه جنهن سندس سڄي زندگيءَ تي وڏو اثر وڌو هڪ عجيب ۽ منفرد واقعن جو مجموعو آهي. پنهنجي زندگيءَ جي هيءَ ڪهاڻي هُن پاڻ پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪئي آهي جنهن سان تاريخي ڪتابن جا صفحا ٻهڪن ٿا.
”پنجين صدي هجري جي وچ ڌاري، آئون مڪي شهر ۾ قرآن ۽ حديث جو شاگرد هوس. هڪ اهڙو وقت آيو جو آئون بيروزگار ٿي ويس ۽ پئسي ڏوڪڙ ملڻ جا سمورا ذريعا ختم ٿي ويا. بهرحال مون پنهنجي وسنئون نه گهٽايو پر باوجود ڪوشش جي آئون ٻه چار ٻيا ڏينهن گذاري سگهيس، ان بعد مون لاءِ هڪ ويلو مانيءَ جو هٿ ڪرڻ به مشڪل ٿي پيو. منهنجي پڙهائيءَ ۾ به رنڊڪ پيدا ٿي وئي ۽ پنهنجي پيٽ جي باهه اجهائڻ لاءِ مون کي پنهجا ڪجهه ڪتاب کپائڻا پيا. آئون، سمجهو ته بک ۾ پاهه ٿيڻ واري حالت تي اچي رسيو هوس پر منهنجي عزت نفس مون کي اجازت نٿي ڏني ته ڪنهن کان کڻي پني يا اوڌر گهري گذر ڪريان.
هر روز وانگر ان ڏينهن به آئون سخت بکايل هوس. آئون حرم پاڪ ۾ هليو ويس ۽ ڪعبي جي سامهون ويهي رب پاڪ کان دعا گهريم ته مون کي هن مشڪل مان بچاءِ. واپسي تي ڏسان ته رستي جي ڪناري تي هڪ مخمل جي ڪپڙي جو پرس پيو آهي. مون اهو کنيو. هي تمام سهڻي نموني سان سبيل هو ۽ ريشم جي ڏورين سان بند ٿيل هو. مون چوڌاري نهاريو ته ڪنهن جو ٿي سگهي ٿو پر رستو پري پري تائين سنسان هو. ڪنهن بني بشر جو نالو نشان نه هو. آئون پرس کڻي گهر پهتس.
منهنجي دل ۾ اها ئي هورا کورا هئي ته هن پرس ۾ ڇا ٿي سگهي ٿو. گهر پهچي ڏورين جون ڳنڍيون کولي پرس کوليم ته هڪ تمام قيمتي موتين جو هار منهنجي هٿ تي اچي پيو. موتين جي چمڪ ڌمڪ ۾ منهنجو ڪمرو ڄڻ ته روشن ٿي ويو. مختلف سائيزن جي موتين کي واڱڻائي رنگ جي ريشمي ڏوريءَ ۾ پوئي هار ‎ٺاهيو ويو هو. ههڙو سهڻو ۽ مهانگو ڳهه پنهنجي هٿن ۾ جهلي آئون عجيب محسوس ڪري رهيو هوس. ڪجهه گهڙين لاءِ مون کان پنهنجي بکايل ۽ رحم جوڳي حالت به وسري وئي. منهنجو دماغ ان بدنصيب مالڪ بابت سوچڻ لڳو جنهن جي هٿن مان ههڙو قيمتي هار نڪري ويو هو. هو ههڙي قيمتي شيءِ وڃائي پڪ ڏک ۽ مايوسيءَ جي ڪيفيت محسوس ڪري رهيو هوندو. مون هڪدم اهو سوچيو ته ڪنهن ريت مالڪ کي ڳولي سندس هار کيس پهچايو وڃي، جيئن هن جي ذهني پريشاني ختم ٿي سگهي. منهنجي نيت ۾ اهو ذري ماتر به نه آيو ته ان پرائي مال تي قبضو ڪيو وڃي. آئون ان وقت ئي مالڪ جي ڳولا لاءِ نڪتس. هار سوڌو پرس گهر ۾ ڇڏي آئون سڌو ان هنڌ تي آيس جتان مون کي پرس مليو هو.
اتي پهچي ڏٺم ته ماڻهن جو هڪ ٽولو ڪنهن ڳالهه تي بحث ڪري رهيو هو. سندن چهرن مان پريشاني بکي رهي هئي. هنن جي ويجهو پهچي مون هنن جي ڳالهه ٻڌي ته هو گم ٿي ويل پرس بابت گفتگو ڪري رهيا هئا، جنهن ۾ قيمتي موتين جو هار هو. هڪ پير مرد جنهن جي چهري مان نور ٿي بکيو ۽ هن جي شخصيت اعليٰ درجي ۽ شان جي هجڻ ۾ ڪو شڪ نه هو، هنن جي وچ ۾ بيٺو هو. هو پنهنجي موتين جهڙي مهانگي شيءِ جي نقصان بابت ٻين کي ٻڌائي رهيو هو ۽ اهو پڻ اعلان ڪري رهيو هو ته جيڪو ماڻهو هن کي موتين جو اهو هار حاصل ڪري ڏيڻ ۾ مدد ڪندو ان کي 500 سونا سڪا انعام طور ڏيندو.
مون هن جي نقصان جو سربستو احوال وڏي غور سان ٻڌو. پوءِ جڏهن مون کي چڱيءَ طرح خاطري ٿي وئي ته ان موتين جي هار واري پرس جو مالڪ هي پيرسن آهي ته مون هن جو ڌيرج سان هٿ جهليو ۽ کيس پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ عرض ڪيو. هن مون ڏي پُراُميد نظرن سان ڏٺو ۽ بنا ڪنهن سوال جواب ڪرڻ جي مون سان گڏ هلڻ لڳو. گهر ڏي وڃڻ وقت آئون دل ئي دل ۾ خوش ٿيندو رهيس ته ڪجهه دير کانپوءِ 500 دينار جيڏي وڏي ملڪيت جو آئون مالڪ ٿي ويندس. ايڏي وڏي ملڪيت بابت فقط سوچ به مون کي فرحت بخشي رهي هئي. آئون اهو ئي سوچي رهيو هوس ته ايڏي وڏي دولت مون وٽ اچڻ بعد منهنجا سڀ ڏک درد غائب ٿي ويندا. اڄ ڏينهن کانپوءِ آئون بکئي پيٽ نه سمهندس ۽ نه وري آئون غريب سڏائيندس. اهڙن خوش خوش خيالن ۽ ويچارن سان آئون پنهنجي گهر ۾ داخل ٿيس ۽ پيرمرد کي به اندر اچڻ لاءِ آڌر ڀاءُ ڪيم.
جڏهن اسان ويٺاسين ته مون پنهجي پريشان حال پيرسن مهمان کي سندس گم ٿي ويل پرس بابت ڪا نشاني ٻڌائڻ لاءِ چيو، جيئن بنا ڪنهن شڪ شبهي جي اهو چئي سگهجي ته اها هن جي ئي ملڪيت آهي. هن يڪدم پنهنجي گم ٿي ويل پرس جي نه فقط شڪل ۽ سائيز ٻڌائي پر ان ۾ موجود هار ۽ ان هار ۾ پوتل موتين جو تعداد پڻ ٻڌايو. هن ويندي پرس کي بند ڪرڻ واري ريشمي ڏور جو رنگ ٻڌايو. ايترو ثبوت ڪافي هو جنهن مان پڪ ٿي وئي ته هن پرس ۽ ان ۾ رکيل هار جو هي سچو مالڪ آهي. آئون چپ چاپ اٿيس ۽ موتين جي هار سميت پرس کڻي اچي پير مرد اڳيان رکيم. پرس ۾ موجود هار کي ڏسي هن جي غمگين شڪل تي خوشيءَ جون لهرون ٻهڪڻ لڳيون.هن جي چمڪندڙ اکين ۾ سڪون ۽ فرحت محسوس ٿيڻ لڳي. هو مون کي ٿورائتين نظرن سان ڏسڻ لڳو. هن جي دل لڀائيندڙ مهرباني مڃڻ جي نهار مون کي بيحد متاثر ڪيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي منهنجي سوچ جو رخ يڪدم تبديل ٿي ويو.
ٿوري دير اڳ آئون اهو سوچي گد گد پئي ٿيس ته مون کي هيڏو وڏو انعام ملندو پر هاڻ منهنجو دماغ مون سان دليل بازي ڪرڻ لڳو ته مون اهڙو ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، جنهن جي بدلي ۾ آئون پاڻ کي ان انعام جو حقدار سمجهان؟ اهو ته هڪ نسورو ئي اتفاق هو جو اهو پرس منهنجي ور چڙهي ويو، باقي ان کي ڳولڻ يا حاصل ڪرڻ لاءِ مون ته ڪنهن به قسم جي جاکوڙ نه ڪئي. ان ڪري مون کي اهو پرس ان جي سچي حقدار کي واپس ڪرڻ جي بدلي ۾ ڇا ڪنهن به قسم جي انعام حاصل ڪرڻ جي اُميد رکڻ کپي؟
دراصل مون کي پئسي جي سخت ضرورت هئي. منهنجي غربت ۽ منهنجي ڪسمپرسي واري حالت مون کي گهوري رهي هئي. آئون اهو انعام ڇو نه قبول ڪريان؟ اهو مون لاءِ بلڪل حلال هو ۽ ان کي قبول ڪرڻ ۾ ڪو ڏوهه يا گناهه نه هو. منهنجي اندر ۾ ها ۽ نه جي عجيب ويڙهه شروع ٿي وئي ۽ آئون اهو فيصلو نه پئي ڪري سگهيس ته مون کي ڇا ڪرڻ کپي. اعلى مانَ ۽ مرتبي جو هي پيرسن پنهنجي هار کي چتائي چتائي ڏسي رهيو هو ۽ هن کي ڄڻ ته خواب محسوس ٿي رهيو هو ته هن جو گم ٿيل سچن موتين جو قيمتي هار هن جي هٿن ۾ هو. بهرحال هن کي پڪ ٿي وڃڻ تي هن مون ڏي نهاريو ۽ چيو:
”او منهنجا دلبر، تون هڪ نيڪ ماڻهو ٿو ڏسجين ۽ آئون پنهنجي دل جي گهراين سان تنهنجو ٿورو مڃان ٿو. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته آئون تنهنجي احسان جو بدلو ڪيئن لاهيان تنهنجو هي ڪم تعريف جوڳو آهي جنهن لاءِ آئون توکي 500 دينار جو هڪ حقير تحفو پيش ڪريان ٿو جيڪو مهرباني ڪري قبول ڪر.“
ان بعد هن شخص منهنجي اڳيان سونن سڪن جي ڳوٿري رکي. منهنجي دل ۾ انعام وٺڻ ۽ نه وٺڻ واري ڇڪتاڻ اڃا تائين جاري هئي. پئسن جي ڳوٿري منهنجي اڳيان هئي رڳو کڻڻ ۽ پنهنجو ڪرڻ جي دير هئي پر مون پنهنجو پاڻ کي ان ڪم کان روڪيو ۽ پير مرد کي چيو: ”سائين هيڏي وڏي انعام ڏيڻ لاءِ آئون توهان جو شڪر گذار آهيان پر مون لاءِ اهو قبول ڪرڻ ناممڪن ڳالهه آهي.“
”ڇو ڀلا؟“ منهنجي مانواري مهمان پڇيو، ”هن انعام تي تنهنجو حق ٿئي ٿو جو اهو آئون پنهنجي خوشيءَ سان توکي ڏئي رهيو آهيان. آئون پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ لاءِ هي تحفو ڏئي رهيو آهيان. مهرباني ڪري ان کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري منهنجي دل نه ڏکوءِ.“
ان جي جواب ۾ ادب سان چيومانس: ”سائين الله نه ڪري جو آئون اهڙو بدتميز ٿيان جو توهان جي مهربانيءَ کي ٺڪرايان پر ساڳي وقت آئون اهو محسوس ڪريان ٿو ته منهنجي لاءِ هي انعام وٺڻ مناسب ناهي جو ان لاءِ مون ڪا به محنت نه ڪئي آهي. هي هار توهان جي امانت آهي جيڪو مون کي راهه ويندي رستي تي نظر اچي ويو. توهان جي شيءِ هئي جيڪا توهان کان ڌار ٿي وري ملي وئي ان لاءِ آئون انعام جو حقدار قرار نٿو ڏنو وڃان. مهرباني ڪري مون کي ان شيءِ کي وٺڻ لاءِ زور نه ڀريو جنهن تي منهنجو اخلاقي طرح حق نٿو بڻجي.“
منهنجي انڪار لاءِ پڪو پهه ڏسي پير مرد کي بيحد حيراني ٿي. عام طرح ماڻهو پئسي کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر طريقو استعمال ڪن ٿا پر آئون ان کي نه وٺڻ لاءِ هوڏ ٻڌي بيٺس. هن مون کي سمجهائڻ جي نموني سان چيو: ”منهنجا پٽ! ايماندار ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي. موتين جو هار مالڪ کي موٽائي تو ايمانداريءَ جو ثبوت ڏنو آهي پر جيڪو پئسو تحفي طور آئون توکي خوشيءَ سان ڏئي رهيو آهيان ان جي مذهب ۾ ڪا جهل پل ناهي- نه مون کي ڏيڻ جي ۽ نه توکي قبول ڪرڻ جي. ان ڪري آئون توکي عرض ڪندس ته ٻي ڪنهن ڳالهه لاءِ نه ته منهنجي خوشيءَ خاطر هن سونن سڪن جي ڳوٿريءَ کي قبول ڪرڻ لاءِ هڪ دفعو وري ويچار ڪر.“
ان تي مون چيومانس: ”سائين منهنجو ارادو توهان کي ناراض ڪرڻ جو هرگز ناهي، پر آئون الله جي رضامندي چاهيان ٿو، جيڪا مون لاءِ سڀ کان اهم آهي. توهان جو پرس توهان کي واپس ڪري جيڪڏهن مون سٺو ڪم ڪيو آهي ته ان عمل جو رب پاڪ مون کي ضرور اجورو ڏيندو. ان ڪري منهنجا مانوارا سائين مون کي ان ڳالهه لاءِ زور نه ڀريو ڇو جو آئون ان ڪم جي بدلي ۾ انعام قبول ڪرڻ نٿو چاهيان جنهن تي مون کي ڪا خاص محنت ڪرڻي نه پيئي.“ منهنجي مهمان هيرن جي هار وارو پرس ۽ سونن سڪن جي ڳوٿري کنئي ۽ غمگين حالت ۾ منهنجي گهر مان نڪتو. وڃڻ وقت منهنجي پٺن کي ٺپرئين ۽ بنا ڪنهن لفظ چوڻ جي هليو ويو.
هيڏانهن هفتي کن کانپوءِ، مون کي وري پراڻي نوڪري ملي وئي. منهنجي بک ۽ بيروزگاريءَ جا ڏينهن ختم ٿي ويا ۽ مون هڪ دفعو وري مدرسي ۾ داخلا ورتي ۽ روزمره جي پڙهائي ۽ گهر جي ڪم ڪارين ۾ اهڙو ته مشغول ٿي ويس جو گذريل ڏينهن ۾ درپيش آيل مٿيون واقعو ذهن مان نڪري ويو. آئون پنهنجو سمورو ڌيان ۽ همت قرآن ۽ حديث جو علم حاصل ڪرڻ ۾ لڳائڻ لڳس. منهنجي دلچسپي جو اهم سبجيڪٽ اسلامي قانون (Jurisprudence) هو. بهرحال مون سٺن مارڪن ۽ پوزيشن سان تعليم مڪمل ڪئي.
منهنجي معلم (استاد) جي سفارش تي مون کي ’هسپانيا (اسپين) جي شهر قرطبه ۾ قاضيءَ جي عهدي جي آفر ڏني وئي، جيڪا مون وڏي خوشيءَ سان قبول ڪئي ۽ اسپين ڏي رواني ٿيڻ جي ڊگهي سفر جي تياري شروع ڪري ڏني. مون پنهنجي هم ڪلاسين ۽ ساٿين کان موڪلايو ۽ پاڻيءَ جي جهاز ذريعي اسپين روانو ٿيڻ لاءِ جدي پهتس. بحر احمر (Red Sea) جي بندرگاهه جدي ۾ پهچي آئون ان مسافر بردار جهاز ۾ سوار ٿيس جيڪو مون کي کڻي منهنجي مستقبل جي اُميدن واري ڌرتي ڏي وٺي وڃڻو هو. شروع جا ٻه ڏينهن کن سمنڊ آرسيءَ وانگر بيحد ماٺو هجڻ ڪري سفر بيحد فرحت بخش گذريو. پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي سمنڊ خراب ٿيڻ لڳو ۽ سخت طوفان ۾ اسان ۽ اسان جو جهاز ڦاسي پيو. جبل جيڏيون وڏيون ڇوليون جهاز کي وڪوڙي ويون ۽ جهاز هڪ رانديڪي مثل بازوليون کائڻ لڳو. سندس کوها ڀڄي ڇيتيون ڇيتيون ٿي ويا ۽ سڙهه ڦاٽي پيا. ايتري ۾ هڪ آفت جيڏي ڇولي جهاز کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو. ڪجهه رڙين ۽ هڪ ٻئي کي سڏڻ جون ڪيهون ڪنن تي پيون ۽ پوءِ مڪمل ماٺ ٿي وئي. چوڌاري سمنڊ تي ڪجهه تختا ترندي نظر آيا جن تي پهچڻ لاءِ ڪجهه مسافر هٿ پير هڻي تڙڳي رهيا هئا. هر هڪ ان ڪوشش ۾ هو ته ڪنهن تختي جو سهارو ملي وڃي جنهن کي سوگهو جهلي پنهنجي جان بچائي سگهجي. هيڏي وڏي جهاز جا بس ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مسافر وڃي بچيا هئا، جيڪي پاڻ کي زنده رکڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا هئا. هن اوچتي حادثي ۽ صدمي مان جڏهن مون پاڻ سنڀاليو ۽ هوش آيو ته پاڻ کي هڪ تختي سان چهٽيل ڏٺم جيڪو هوا ۽ لهرن جي رحم و ڪرم تي تري رهيو هو.
ٻه ڏينهن ٻه راتيون هيڏانهن هوڏانهن ٿيلهجڻ بعد سمنڊ جي ڇولين جڏهن مون کي ڪناري تي اچي سَٽيو ته آئون نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ هوس. مون الله جا شڪر بجا آندا جنهن مون کي موت جي چنبي مان بچايو. آئون ايڏي ته ڪمزوري محسوس ڪري رهيو هوس جو مون کان چُريو به نٿي ٿيو. آئون بي يارو مددگار سج جي تپندڙ ڪرڻن جي گرميءَ ۾ سڙندو رهيس. چند قدمن تي اڳيان ڪجهه ڪنڊن وارا ٻوٽا هئا. آهستي آهستي مونڙيون پائي انهيءَ جي جهڙي تهڙي ڇانوَ ۾ وڃي پاڻ کي ڇڏيم. وقت جي ڪا سڌ نه رهي هئم ته ڪيترا ڏينهن گذري ويا يا اڄ ڪهڙو ڏينهن آهي. منهنجي حالت غشي ۽ سخت ننڊ جي وچ واري هئي.
ڪجهه دير بعد، مون اکيون کولڻ جي ڪوشش ڪئي ته پنهنجي مٿان بيٺل ڪجهه عجيب چهرن کي پاڻ ڏي گهوريندو ڏٺم. هنن منهنجي وات ۾ پاڻيءَ جا ڦڙا وڌا، جنهن سان مون کي هوش آيو، پر تنهن هوندي به مون کي ڳالهائڻ جي همت نه پئي ٿي. هنن هڪ کٽ آندي، جنهن تي مون کي ليٽائي ڀر واري شهر ڏي روانا ٿيا. جڏهن اسان ان جي ويجهو ٿياسين ته پري کان مسجد جو منارو ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ته آئون اهڙي ملڪ ۾ آهيان، جتي جا ماڻهو مون واري ساڳي مذهب سان تعلق رکن ٿا. مون دل ئي دل ۾ رب پاڪ جا ٿورا مڃيا.
وٺي هلڻ وارا ماڻهو مون کي، انهن مان هڪ جي گهر ۾ کڻي آيا ۽ مون کي هڪ آرامده بستر تي اچي ليٽايو ويو. چڱي طرح خيال رکڻ، آرام ڪرڻ ۽ دوا درمل سان آئون ٻن ٽن ڏينهن ۾ چاق چڱو ڀلو ٿي ويس. مون کين پنهنجي بدنصيب حادثي بابت ٻڌايو ته ڪيئن جهاز سخت طوفان جو مقابلو نه ڪندي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو ۽ مسافرن مان اسان ڪجهه ڄڻا جهاز مان نڪتل ڪاٺ جي ٽڪرن جو سهارو حاصل ڪري سگهياسين. منهنجي ميزبان جنهن جو نالو فالح حسن هو، تنهن ٻڌايو ته آئون يمن ملڪ جي هڪ ڪناري واري شهر حديده ۾ آهيان. سمنڊ جي جنهن ڪناري واري حصي تي آئون اڇلجي آيس، اتي ماڻهن جي اچ وڃ بلڪل نه برابر رهي ٿي. ”ان ڏينهن اتفاق سان آئون پري کان وڃي رهيو هئس ته مون سان گڏ منهنجي ڪجهه دوستن ڳِجهن کي ڦيرا ڪندي ڏٺو سو اسان معلوم ڪرڻ لاءِ جڏهن ويجهو پهتاسين ته توکي بيهوشيءَ جي حالت ۾ ستل ڏٺوسين“ فالح حسن ٻڌايو. مون سندس ۽ سندس دوستن جا ٿورا مڃيا، جن منهنجي زندگي بچائي. منهنجو چڱي طرح خيال رکڻ ڪري آئون هڪ دفعو وري ذهني ۽ جسماني طرح نوبنو ٿي ويس.
آئون هاڻ وقت تي مسجد ۾ نمازون ادا ڪرڻ لڳس، جتي ڪيترن ئي شهرن جي اعليٰ مرتبي ۽ عزت وارن سان ملاقات ٿيڻ لڳي. منهنجي ميزبان معرفت هنن کي منهنجي بدنصيب واقعي جي خبر پئجي چڪي هئي ۽ هو سڀ مون سان پيار ۽ عزت سان درپيش آيا ٿي. انهن ۾ شيخ احمد بن سهيل نالي هڪ ڪراڙو پير مرد به هو، جنهن گهڻو ڪري نماز پڙهائي ٿي. هو مون سان هر وقت پدرانه شفقت سان مليو ٿي ۽ سندس اثر منهنجي دل جي گهرائيءَ تائين ٿيو ٿي.
هڪ ڏينهن ڇا ٿيو جو هن کي مسجد ۾ ايندي دير ٿي وئي، سو باقي جماعتين امام ٿيڻ لاءِ مون کي چيو. مون ڪافي گهٻراهٽ محسوس ڪئي ۽ اهڙي اهم ڪم لاءِ مون معذرت ڪرڻ چاهي جو ٻيا مون کان وڏي عمر جا موجود هئا، پر سڀني جي خواهش اڳيان مون کي آڻ مڃڻي پيئي. ان ڏينهن مون امام جي ڊيوٽي سرانجام ڏني. مون پوري ڪوشش سان قرآن جون سُورون صحيح ۽ چٽي طرح پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نماز بعد اسلامي قانون تي مختصر ليڪچر پڻ ڏنو. مون ڏٺو ته منهنجي ان ڳالهه تي هر هڪ بيحد متاثر نظر آيو. شيخ احمد بن سهيل اٿي مون وٽ اڳيان آيو ۽ مون کي سٺي طرح نماز پڙهائڻ ۽ ليڪچر ڏيڻ تي مبارڪباد ڏني. منهنجي تعريف ۽ همت افزائي ڪرڻ تي مون هن جي مهرباني مڃي. پنهنجي گهر موٽڻ وقت منهنجي دل ۾ هڪ عجيب اعتماد ۽ خوشيءَ جو جذبو هو.
پر پوءِ، هڪ ڏينهن ويهي سوچيم ته هاڻ آئون ڪجهه وڌيڪ ئي رهي پيو آهيان. اها به هنن جي مهرباني جو منهنجي خدمت چاڪري ڪيائون، هيترا ڏينهن مهمان ڪري رکيائون. سو شام جو عصر نماز پڙهڻ بعد مون پنهنجي ميزبان کي هي ملڪ ڇڏڻ جي ارادي کان آگاهه ڪيو، پر هن مون کي ايترو جلد وڃڻ کان روڪيو. هن مون کي ڪجهه ڏينهن ٻيا ترسڻ لاءِ چيو، جيسين منهنجي صحت بلڪل سڌري وڃي. رات جو عشا نماز بعد آئون جيئن ئي سمهڻ لاءِ ٿي ويس ته شيخ احمد بن سهيل شهر جي ڪجهه معزز ماڻهن سان گڏ مون وٽ آيو. هن سان گڏ منهنجو ميزبان فالح حسن ۽ هن جا دوست جن مون کي بچايو هو، پڻ هئا. خوش خير عافيت ڪرڻ بعد شيخ احمد مون ڏي نظرون موڙي مون کي چيو: ”پيارا ابوبڪر مون کي هنن سڀني پنهنجي طرفان ڳالهائڻ جي عزت بخشي آهي ته هنن جي خواهش جو اظهار توسان ڪريان. مون کي اميد آهي ته تون ان لاءِ هائوڪار ڪندين.“
ان قسم جي خطاب سان آئون مونجهاري ۾ پئجي ويس. ڪجهه گهٻرائيندي ۽ ڪجهه حراس مان چيم: ”سائين توهان مون لاءِ هيڏا مهربان ۽ مددگار رهيا آهيو، آئون توهان جي ڪنهن به خواهش يا حڪم جو انڪاري ٿي نٿو سگهان. توهان مون کي ڪنهن به ڳالهه لاءِ حڪم ڪري سگهو ٿا ۽ ان جي پوئواري ڪرڻ منهنجي لاءِ عزت آهي.“
هن چيو: ”پيارا پٽ، اسان سڀ دلئون چاهيون ٿا ته تون پنهنجي زندگيءَ جا باقي ڏينهن اسان وٽ ئي گذار. اسان جي مسجد جو جيڪو پڪو امام هو، اهو گذريل سال وفات ڪري ويو. هن جي ڇڏي وڃڻ جو ڏک اڄ به اسان جي دلين ۾ موجود آهي ۽ شايد اهو ڪڏهن به نڪري نه سگهي. هن اسان جي زندگيءَ ۾ علم جي ڏيئي سان روشني پيدا ڪئي. اسان چاهيون ٿا ته تون هن جي جاءِ والار ۽ اسان سڀ اهو ئي چاهيون ٿا ته تون اسان جي مسجد جو امام ٿي رهه. جيتوڻيڪ اسان توکي ايترو پئسو نه ڏئي سگهنداسين، جيترو قرطبا جي قاضيءَ کي ملي ٿو، پر اها خاطري آهي ته اسان توکي بي پناهه پيار، خلوص ۽ عزت ڏينداسين.“
”پر سائين،“ مون احتجاج ڪيو، ”آئون ته هڪ ناتجربيڪار آهيان ۽ اڃا هاڻ تعليم ختم ڪئي اٿم ۽ امام جهڙي اعليٰ رتبي لاءِ ڊيوٽي ڏيڻ لاءِ پاڻ کي هيچ سمجهان ٿو.“ محترم شيخ چيو، ”منهنجا پٽ، پنهنجو پاڻ کي گهٽ نه سمجهه. اسان سڀني تنهنجي تلاوت ۽ واعظ ٻڌو آهي ۽ سڀني ماڻهن جي اها راءِ آهي ته تو ۾ هر قسم جي جوابدارين کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت آهي“.
ان کان اڳ جو آئون ڪو ٻيو سبب پيش ڪريان، منهنجي ميزبان فالح حسن ۽ هن جي دوستن شيخ صاحب جي ڏنل ان تجويز جي پٺڀرائي ڪئي. مون لاءِ هائوڪار ڪرڻ کان علاوه ٻي ڪا راهه نه رهي. منهنجي قبوليت جي فيصلي تي سڀ ماڻهو بيحد خوش ٿيا خاص ڪري شيخ احمد جنهن مهرباني مڃيندي منهنجي نرڙ تي چمي ڏني. ان بعد سڀ اٿي کڙا ٿيا ۽ هر هڪ الڳ منهنجا ٿورا مڃيا ۽ خوش ٿي پنهنجن گهرن ڏي روانا ٿيا.
هن ملاقات ۽ ڪارروائي بعد آئون پنهنجي منهن اهو ئي سوچيندو رهيس ته تقدير جا ڳُجها هٿ انسان جي مستقبل تي ڪيئن لڪ چپ ۾ اثرانداز ٿين ٿا. انسان پنهنجي لاءِ ڇا ڇا سوچي ٿو، هو ڇا ڇا رٿون بنائي ٿو، پر حالتون ڳجهي طرح اهڙو رخ اختيار ڪرڻ لڳن ٿيون جو انسان جون سڀ رٿائون ۽ اٽڪلون بيڪار بڻجيو وڃن. هو حالتن جي هٿن ۾ مجبور ٿيو وڃي. ڏسو ته سهي آئون اسپين وڃي قرطبا جو قاضي ٿيڻ جو شوق پنهنجي دل ۾ سانڍيندو رهيس ۽ ان خواهش جي پورائي لاءِ ضروري تعليم به مڪمل ڪيم ۽ هاڻ جڏهن خوشي خوشي مان ان خواب جي پورائي لاءِ وڃي رهيو هوس ته قدرت طرفان تيار ٿيل رٿائون منهنجي آڏو اچي ويون ۽ اسپين ۾ قاضي ٿيڻ بدران يمن جي هڪ مسجد جو امام ٿي ويو آهيان. ڀؤنچ (ميڊيٽرينين) سمنڊ جي ڪناري واري شهر قرطبا ۾ رهڻ بدران بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) جي ڪناري واري شهر حُديده ۾ زندگي گهاري رهيو آهيان.
سو اهڙي طرح منهنجي زندگي جي نئين باب جي شروعات ٿي. مون مسجد جي امام جون ڊيوٽيون شروع ڪري ڏنيون ۽ پنهنجي ميزبان جو گهر ڇڏي مسجد جي ڀرسان امام لاءِ ٺهيل خالي گهر ۾ اچي رهيس. امام جي وفات ڪري جيڪو پرائمري اسڪول بند ٿي ويو هو، ان کي پڻ نئين سنئين شروع ڪيم. ان کان علاوه معنيٰ سان قرآن پڙهائڻ جا ڪلاس پڻ شروع ڪيم.
مون پنهنجو پاڻ کي مڪمل طرح نئين ماحول جي سانچي ۾ جوڙي ڇڏيو ۽ شهر جا ماڻهو به مون کي هڪ نئين مذهبي اڳواڻ جي حيثيت ۾ قبول ڪرڻ لڳا. آئون هن نئين نوڪريءَ مان بلڪل مطمعن هوس ۽ ڪنهن گهڙيءَ ۾ به مون کي اهو احساس نه ٿيو ته مون هتي رهڻ جو ڪو غلط فيصلو ڪيو آهي. شهر جا ننڍا وڏا مون مان خوش هئا ۽ مون کي عزت جي نگاهن سان ڏٺائون ٿي. مون کي شروع ۾ جيڪو ڌاريائپ جو احساس هو، اهو هاڻ ختم ٿي ويو. مون کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ آئون صدين کان هتي رهندو اچان.
هڪ ڏينهن شيخ احمد مون وٽ هلي آيو. هيڏانهن هوڏانهن جي خبرچار ڪرڻ ۽ منهنجي خير عافيت معلوم ڪرڻ بعد هن چيو: ”پيارا ابوبڪر، تنهنجيون اسان جي ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ خدمتون بيحد ساراهه جوڳيون آهن ۽ جيتري اسان کي اميد هئي، تون ان کان به وڌيڪ سٺو ثابت ٿيو آهين. مون کي خوشي آهي ته تو اسان جو عرض قبول ڪيو ۽ اسان سان رهڻ پسند ڪيو. هاڻ هڪ دفعو وري توکان هڪ خير خواهي جي گهُر ڪرڻ لاءِ تو وٽ آيو آهيان.“
مون چيومانس: ”سائين آئون خادم آهيان. مهرباني ڪري حڪم ڪريو، آئون ان جي پوئواري ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندس.“
هن چيو: ”منهنجا ٻچا، هڪ انسان پنهنجي جوڙيوال بنا نامڪمل آهي. آئون چاهيان ٿو ته تون شادي ڪر ۽ ڀرپور زندگي گذار. شادي ڪرڻ اسان جي پياري رسول صه جي سنت آهي. شاديءَ جون جوابداريون کڻڻ قدرت طرفان انسان لاءِ نعمت جو سبب آهن.“
مون وراڻيو مانس: ”سائين توهان هميشه منهنجي ڀلي لاءِ ڪيو آهي. آئون توهان کي پيءُ برابر سمجهان ٿو ۽ جيڪي توهان مون لاءِ بهتر سمجهندائو آئون ان کي دل و جان سان قبول ڪندس.“
شيخ صاحب چيو: ”توکان اڳ وارو هن مسجد جو امام منهنجو بيحد ويجهو دوست هو. هن کي هڪ ڌيءَ هئي. هن کي جڏهن پنهنجي پڄاڻي جي گهڙي ويجهي نظر آئي ته هن پنهنجي نياڻي جي حفاظت ۽ خيال رکڻ جو ڪم مون کي سونپيو. ان وقت کان هوءَ مون وٽ اولاد وانگر رهي ٿي. هوءَ هڪ پياري، نيڪ سيرت ۽ فضيلت واري ڇوڪري آهي. الله هن کي جسماني ۽ ذهني سونهن بخشي آهي. هوءَ تنهنجي لاءِ بهترين گهرواري ثابت ٿي سگهي ٿي. آئون چاهيان ٿو ته هن جي توسان شادي ڪرائي وڃي ۽ مون کي خاطري آهي ته اها شادي سچين دلين جي شادي ثابت ٿيندي.“
مون کي ان قسم جي تجويز لاءِ ڪو به اعتراض نه هو. ڪجهه ڏينهن بعد نڪاح اسان کي هڪ ڪري ڇڏيو. ضروري رسمن ۽ دعوت ختم ٿيڻ بعد، شيخ احمد منهنجي ڪنوار کي منهنجي گهر ۾ وٺي آيو، جيڪو دراصل سندس به رهائش گاهه هو، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي مرحوم پيءُ سان گڏ رهي ٿي، جڏهن هو حيات هو ۽ مسجد جو امام هو. مون هن ڏي نهاريو ته منهنجيون نظرون هن ۾ ڄڻ کُپي ويون. مون کان اهو به وسري ويو ته هن کي ڀليڪار جا ٻه اکر کڻي چوان. آئون نه رڳو هن جي سهڻي ۽ من موهڻي چهري ۽ جهڪيل اکين کي ڏسندو رهيس، پر منهنجيون نگاهون سندس خوبصورت ڳچي تي ڄڻ چنبڙي ويون، جنهن ۾ قيمتي موتين جو هار پيل هو. مون کي اهو هار سڃاڻڻ ۾ ڪا ويرم نه لڳي. اهو ساڳيو قيمتي موتين جو هار هو، جيڪو هڪ دفعي مون کي مڪي جي سنسان گهٽيءَ ۾ مليو هو. آئون هن کي گهوري ڏسندو رهيس ۽ منهنجو وات پٽيل جو پٽيل ئي رهيو. مون کان ٻه لفظ به ڳالهايا نه پئي ٿيا.
شيخ احمد منهنجي مونجهاري واري حالت کي سمجهي ويو ۽ هن اهو ئي سوچي ته ڪنوار جي سونهن ۽ سچن موتين جي چمڪ ڌمڪ مون کي سحر انگيز بڻائي ڇڏيو آهي. هن نرمائيءَ سان مون کي چيو: ”پيارا ابوبڪر، اهو هار ۽ ان کي پائڻ واري، هاڻ ٻئي تنهنجا آهن ۽ انهن کي ڏسڻ لاءِ سڄي عمر پئي آهي. تنهنجي دلچسپي لاءِ توکي اهو به ٻڌائيندو هلان ته ان موتين جي هار جي به هڪ عجيب ڪهاڻي آهي. پنج سال کن اڳ منهنجو دوست جڏهن حج لاءِ مڪي ويو ته هو پاڻ سان اهو هار به کڻي ويو، جيئن ان کي اتان هڪ دفعو وري پالش ڪرائي سگهي. اتي هن کان هي هار گم ٿي ويو، پر هڪ نيڪ نوجوان جي ايمانداريءَ ڪري هن کي اهو وري ملي ويو. هن ڀلي نوجوان شخص پنهنجي ايمانداريءَ جي بدلي ۾ منهنجي دوست طرفان ڏنل انعام وٺڻ کان به انڪار ڪيو. هن نوجوان منهنجي دوست تي ايڏو ته اثر ڇڏيو جو هو هر وقت هن نوجوان جي ڳالهه ڪري هن کي ياد ڪندو رهيو ٿي. هن مون سان هڪ دفعو پنهنجي اندر جو حال اوريندي اها به ڳالهه ڪئي ته هن جي دلي خواهش آهي ته هو هڪ دفعو وري مڪي وڃي ۽ ان نيڪ نوجوان کي پنهنجي ڌيءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ راضي ڪري. پر افسوس جو هن جو وقت اچي پورو ٿيو ۽ هو مڪي وڃڻ کان اڳ هن جهان مان هليو ويو. بهرحال قدرت طرفان ڪجهه ٻيو ئي لکيل هو. هن جي ڌيءُ جي شادي توسان ٿيڻي هئي ۽ اڄ هوءَ ان نوجوان بدران تنهنجي زال آهي. قدرت طرفان لکيل نصيب پنهنجا ئي ٿين ٿا، جيڪي انسان جي سمجهه کان بالاتر آهن.“
اهو ٻڌي جذبات جو هڪ طوفان منهنجي اندر ۾ آنڌ مانڌ پيدا ڪرڻ لڳو. تقدير ۾ لکيل ڳالهين جي ويڙهي کي ڄڻ ڪنهن غيباتي هٿ کولي ڇڏيو. منهنجي اکين مان ڳوڙها ٽمي ڳلن تي آيا. مون پاڻيءَ ۾ ڀنل اکين سان شيخ احمد ڏي ڏٺو ۽ چيو: ”محترم سائين، توهان بلڪل سچ ٿا چئو ته تقدير جي اڻ ڏٺل ڳجهه جي ڄاڻ جي ڪنهن کي خبر نٿي پوي. توهان کي اهو ٻڌي خوشي ۽ حيرت ٿيندي ته مڪي وارو اهو نوجوان آئون ساڳيو آهيان، جنهن کي اهو سچن موتين وارو هار مليو هو ۽ جنهن توهان جي دوست کي موٽائي ڏنو هو. هن ان جي بدلي مون کي 500 دينار انعام طور ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي. جيتوڻيڪ ان وقت منهنجي فقيراڻي حالت هئي ۽ مون کي پئسي ڏوڪڙ جي سخت ضرورت هئي جو آئون بک ۾ پاهه پئي ٿيس، پر منهنجي ضمير اهو پسند نٿي ڪيو ته آئون ان ڪم لاءِ اجورو وٺان، جنهن لاءِ مون ڪابه محنت نه ڪئي هئي. مون پنهنجيون سڀ اميدون ۽ توقعات رب پاڪ ڏي ڪري ڇڏيا ته جيڪڏهن هن جي منشا هوندي ته مون کي ضرور انعام ڏياريندو ۽ اڄ آئون هن جي انعام سان گڏ آهيان، جيڪو دنيا ۾ سڀ کان وڏو انعام آهي.“
شيخ احمد اهو ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويو ۽ بنا ڪنهن لفظ چوڻ جي هو پيار مان منهنجو هٿ جهلي ان کي لوڏيندو رهيو. مون سان پرڻجي هن گهر ۾ آيل نئين ڪنوار پنهنجيون اکيون مٿي کڻي منهنجي چهري کي غور سان ڏسندي رهي. هن جي اکين ۾ بي انتها پيار هو- اهو پيار، اها محبت جنهن لاءِ هر مڙس سَڌون ڪري ٿو، هر مرد اُن سچي پيار جي خواهش ڪري ٿو. رب پاڪ مون مسڪين تي وڏا ڪرم ڪيا ۽ هن مون کي پنهنجين نعمتن سان نوازيو ۽ مون کي هڪ سلڇڻي ۽ پياري زال ڏني، جنهن کان وڌيڪ زندگيءَ ۾ ڪهڙي خوشي ٿي سگهي ٿي.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*